اڪبر ساگر

اڪبر ساگر: سندس اصل نالو علي اڪبر جوکيو آهي، شڪارپور جو ناميارو شاعر آهي. هو 1- آڪٽوبر 1956ع تي ڳوٺ چوڏهيو سڌايو، شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. بي. اي ايگريڪلچر انجنيئرنگ ۽ ايم اي (ايڪانامڪس) ۾ ڪئي آهي. هن وقت ايگريڪلچرل ڊولپمينٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي. سندس شاعريءَ جا 3 مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. جن ۾ ”سوچ-لوچ“ (1983)، ”مون ۾ آهين تون“ (1991)، ”من اندر جا لوچ“ (2002) شامل آهن. هو هن وقت ڪراچي ۾ رهي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.10.01  عيسوي

علي اڪبر 1- آڪٽوبر 1956ع شڪارپور ۾ پيدا ٿيو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اوڌوداس
عـبـدالله وريـاهه
سيد گل حسن شاهه مجذوب
انجم هالائي
الطاف عباسي
توڏو مري
راضي فقير رند
بشير احمد بشير
اقبال احمد پيرزادو ڊاڪٽر
ايوب آريسر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون